خليفو لائق ڏنو

خليفو لائق ڏنو (ڀٽائيءَ جو راڳي): خليفو لائق ڏنو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عقيدتمند، خليفو ۽ راڳ جو سرواڻ هو. هن ڪيهر فقير جي وفات کانپوءِ ڏهن سالن تائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي. هن سان گڏ
ابراهيم فقير، پير علي بخش شاهه، تاجو وساڻ، يوسف ٻگهيو، عيسيٰ فقير ٻگھيو ۽ يوسف فقير ٻگھيو درگاهه لطيفيءَ تي شاهه جو راڳ ڳائيندا هئا. فقير ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو ۽ دردمند آواز سان ڀٽائيءَ جو پيغام عام ڪيائين. پاڻ 9 جون 1929ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو